اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسي??ن ريجنل فورم (اي آر ايف) جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اجلاس ۾ ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اي آر ايف ۽ خطي جي مل??ن سان وسيع حصيداري جي لاءِ علائقائي تعاون ?? مڪالمي جي پاڪستان جي خواهش جو خاڪو پيش ڪ??دو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسي??ن ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جڪارتا انڊونيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري جڪارتا ۾ ٿائيلينڊ جي هم منصب ۽ آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سان مل??قاتون ڪيون. هو انڊونيشيا جي صدر کانسواءِ پرڏيهي وزير ۽ انڊونيشيا جي سياسي، قانوني ۽ سيڪيورٽي معاملن جي رابطن واري وزير سان پڻ مل??قات ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري جي ويٽنام ۽ تيمورليسٽي جي پرڏيهي وزيرن ۽ مل??ئيشيا ۽ برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽرين سان پڻ مل??قات جو امڪان آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا