لاهور – 28 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وز??ر جي سربراهي ۾ قومي ايئرلائين جي نئين سر تنظيم سا??ي، سڌا??ن ۽ بحالي جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي عيد کانپوءِ پي آءِ اي جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي جڏهن ته وز??راعظم چيو آهي ته گذريل حڪومت جي نااهلي جي ڪري قومي ايئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو ۽ ان جي نااهل وز??رن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو، قومي ايئرلائين کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وز??رخواجه سعد رفيق وز??راعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ تجويز ڪيل روڊ ميپ ۽ سڌارن بابت تفصيلي ب??يفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته قومي ايئرلائين کي موجوده بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٻيڙي ۾ جهازن جو انگ 27 کان وڌائي 49 ڪرڻو پوندو. وز??راعظم ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وز??ر جي پي آءِ اي ب??بت ڪوششن کي سا??اهيو. وز??راعظم اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته قومي ايئرلائين خساري مان نڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وز??راعظم چيو ته گذريل حڪومت جي غيرذميواراڻي بيانن جي ڪري قومي ايئرلائين يورپ ۽ آمريڪا جا فضائي رستا وڃائي ڇڏيا، گذريل حڪومت جي ان نااهلي جي ڪري قومي ايئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، گذريل حڪومت جي نااهل وز??رن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو. هن چيو ته پي آءِ اي انهي صورت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو ته ان کي نج منافعي ۽ نقصان جي بنياد تي پيشيور انتظامي ماهر هلائين، قومي ايئرلائين کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. هن چيو ته حڪومت اهڙو پاليسي نظام ک??ي اچڻ طرف قدم وڌائي رهي آهي جتي حڪومت جو ڪم رڳو پاليسي فيصلا ۽ سيڙپڪا??ن ۽ ڪاروباري ماڻهن ۽ ڪمپنين کي سهولت فراهم ڪرڻ هوندو. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن خواجه سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، وز??راعظم جي صلاحڪار احد خان چيما ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، محمد اسحاق ڊار، احسن اقبال، خاص معاون محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وز??راعظم پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سا??ي، سڌا??ن ۽ بحالي جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جي ميمبرن ۾ ناڻي وارو وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، خاص معاون جهانزيب خان ۽ ايوي ايشن جو سيڪريٽري شامل هوندا. اها ڪميٽي اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سا??ي ۽ بحالي جي حوالي سان مختلف آپشنز جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان پنهنجون سفارشون عيد کانپوءِ ڪابينا ۾ پيش ڪندي.
وزيراعظم پاران ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ قومي ايئرلائين جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس