اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان يورپي ي??نين پاران پاڪستان کي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان قدم سان مني لانڊرنگ جي خاتمي/ دهشتگردي جي مالي معاونت جي خاتمي ۾ فني مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي کي تسليم ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اهو قدم نومبر 2022ع ۾ بر??ان??ا جي پاڪستان کي اهڙي طرح جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن چيو ته فهرست مان نڪرڻ سان پاڪستان ۽ يورپي ي??نين جي ادارن جي وچ ۾ مالي ڏيتي ليتي ۾ آساني ٿيندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان يورپي ي??نين سان گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي تعاون جي لاءِ ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ حصيدار مل??ن سان اينٽي مني لانڊرنگ/ سي ايف ٽي حڪومتن جي اپ گريڊيشن ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جو منتظر آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا