اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، پاڪستان ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي تحت سمورن وچ ايشيائي ر??استن سان بهتر، نتيجاخيز ۽ پائيدار رابطا قائم ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان وچ ايشيا سان سياسي، اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ رابطا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڪاسا 1000 توانائي منصوبو ويزن وچ ايشيا جو هڪ اهم جز آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفير محمد سعيد ??رور سان ڳالهائي ر??يو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ??ا تاجڪستان سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن، تاجڪستان ۾ پاڪستان جو سفير توانائي ۽ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري، نامزد سفير تاجڪستان ۾ پاڪستان جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن جي وچ ۾ علمي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تاجڪ شاگرد ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي مواد تائين پهچ حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر ڀارت جي اقليت دشمن ۽ مسلمان دشمن پاليسين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارتي سيڪيورٽي فو??سز پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد سعيد ??رور کي تاجڪستان ۾ بطور پاڪستان جي سفير مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نامزد سفير ڀائر ملڪ تاجڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري.
تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏني وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے