اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيه جي ??نه??جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سرندي وارن ماڻهن، ادارن ۽ عوام کي ترڪيه جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيرا??ظم چيو ته هن ”پي ايم فنڊ فار ترڪيه ارٿ ڪوئيڪ وڪٽمز“ قائم ڪري ڇڏيو آهي، عوام ۽ سرندي وارا ماڻهو اڪائونٽ نمبر جي – 12166 ۾ فراخدلاڻي عطيا جمع ڪرائين. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائر ملڪ ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي، ترڪيه ۾ زلزلي سان هزارين ماڻهو فوت ??ي چڪا آهن. وزيرا??ظم چيو ته ترڪيه پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ ۽ عوام کي درپيش مشڪلاتن ۾ سدائين مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي آهي، ترڪيه 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏن ۾ مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام به ترڪيه جي ??نه??جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن، ترڪيه جي عوام جي مدد اسان جي ديني ذميوا??ي آهي.
وزيراعظم پاران عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria