ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي سستي توانائي حاصل ڪرڻ سان اربين ڊالرن جي بچت ٿ??ند??، سي پ??ڪ جو منصوبو ويجهي ماضي ۾ پنهنجي پ??دا ڪيل مشڪلاتن جي ڪري تعطل جو شڪار ٿيو، سي پ??ڪ منصوبن ۽ چيني ڪمپنين سان حصيداري وڌائينداسين، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي ا??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي ٿري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس لاءِ ان منصوبي جو افتتاح ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ان منصوبي سان ملڪ ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان 27 بلين ڊالر جي پ??ٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو، جيڪو اسان جي لاءِ وڏي مالي مشڪلاتن جو سبب آهي، هن پلانٽ سان سستي توانائي حاصل ٿ??ند??، جيڪا پاڪستان جي وڏي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اهڙا وسيلا مهيا ڪيا آهن ته اسان هائيڊل ۽ ٻين ذريعن سان سستي بجلي پ??دا ڪري سگهون ٿا پر اسان ان سگهه کان گهٽ بجلي پ??دا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيم تعمير هيٺ آهن، انهن جي آپريشنل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 4، 5 سال لڳندا، پاڪستان سج ۽ هوا مان سستي بجلي حاصل ڪري سگهي ٿو، ايندڙ سالن ۾ متبادل توانائي جي منصوبن مان سستي بجلي حاصل ٿ??ند??. هن چيو ته ٿر ۾ الله تعاليٰ اسان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، جيڪي اسان جي ايندڙ ڪيترن ئي سئو سالن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. حڪومت متبادل توانائي جي منصوبن تي ڪم اڳتي وڌائ??ند?? ته جيئن پيٽروليم مصنوعات جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر بچي سگهن. وزيراعظم چيو ته ڪي ٿري منصوبي کي نواز شريف جي دور ۾ حتمي شڪل ڏني وئي، اڄ اهو 1100 ميگاواٽ بجلي پ??دا ڪري رهيو آهي، ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ چيني دوستن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي ۽ 30 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، ان صورتحال ۾ اسان چيني دوستن مان اميد ڪريون ٿا ته اهي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ڪندا. وزيراعظم چيو ته چشما فائيو جو معاهدو به جلد ٿ??ند??. پاڪستان ۽ چين بهترين دوست ۽ ڀائر آهن، گذريل 75 سالن دوران اسان جي دوستي وقت جي هر آزمائش تي پ??رو لٿي آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ چين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته 2015ع ۾ نواز شريف جي سربراهي ۾ سي پ??ڪ تحت اربين ڊالرن جي منصوبن تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت اڄ هزارين ميگاواٽ بجلي پ??دا ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ سي پ??ڪ تحت ٻيا ڪيترائي منصوبا به جاري آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي هاڻي اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿ??ند??. ويجهي ماضي ۾ سي پ??ڪ پنهنجي پ??دا ڪيل مشڪلاتن سبب تعطل جو شڪار ٿيو. انڊسٽريل زونز ٺهڻا هئا جيڪي نه ٺهي سگهيا، هاڻي اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته انهن منصوبن کي اڳتي وڌايون، پشاور کان ڪراچي ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي سان انقلاب ا??ند??. وزيراعظم پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي عملدارن، سائنسدانن، انجنيئرز ۽ اسٽاف کي منصوبي تي ڏينهن رات محنت ڪرڻ تي شاباس ڏني ۽ چيو ته اهي ڀرپور ساراهه جي لائق آهن. وزيراعظم چين سان حصيداري کي اهم قرار ڏ??ند?? چيو ته وڌيڪ منصوبن جي شروعات ۽ پڄاڻي جي لاءِ چيني ڪمپنين سان معاهدا ڪيا ويندا. هن منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي عهديدارن، انجنيئرز ۽ اسٽاف جا به ٿورا مڃيا ۽ دعوت ڏني ته گڏجي وڌيڪ منصوبن جي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي. بعد ۾ وزيراعظم ڪي ٿري آپريشنز روم جو دورو ڪيو، جتي کيس منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.
سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي سستي توانائي حاصل ڪرڻ سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados