ڪڻڪ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ تي گهري نظر رکي وڃي: وزيراعظم


APP60-16 ISLAMABAD: April 16 – Minister for National Food Security & Research Syed Fakhar Imam calls on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده صورتحال خاص طور تي رمضان مهيني کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ تي گهري نظر رکي وڃي ته جيئن وقت سر فيصلا ڪري سگهجن ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ خوراڪ جي کوٽ نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي روڪٿام، مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ۽ ايندڙ سال معياري ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهتر ٻج جي استعمال جي حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil

متعلقہ مضامین