اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته تحريڪ انصاف وزيراعظم محمد نواز شريف تي هنيل ??لزامن جي حوالي سان عدالت ۾ ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي، وزيراعظم ماضي وانگر الزامن مان باعزت بري ٿي ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ??الهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان بني گالا ۾ ويهي تمام گهڻيون ڳالهيو ڪري ٿو پر سندس وڪيل ??دالت ۾ هنيل ??لزامن جي حوالي سان ??ي ٺوس ثبوت پيش ناهن ڪري سگهيا. پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي صحافين سان ??الهائيندي چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف تي ماضي ۾ به ڪوڙا الزام هنيا ويندا رهيا آهن ??ر اسان عدالت ۾ ثابت ڪنداسين ته محمد نواز شريف جي پوري فيملي نيڪ نام آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں