گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي جي آمريڪي فيصلي جي مذمت ڪئي آه?? ۽ بارودي سرنگهن جي نون خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آه??. العربيه موجب بارودي سرنگهن تي پابندي جي معاهدي تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪمبوڊيا ۾ رٿيل ڪانفرنس ۾ موڪليل تبصري ۾ دنيا ۾ بارودي سرنگهن کي ناڪام بڻائڻ ۽ تباهه ڪرڻ واري ڪم کي ساراهيو. هن چيو ته خطرو برقرار آه??، ان ڪنوينشن ۾ ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن بارودي سرنگهن جي نئين سر استعمال سان گڏوگڏ انهن جي هٿيارن کي تباهه ڪرڻ جي معاملي ۾ واعدي خلاف ڪندڙ ڪجهه ملڪ به شامل آه??. هن 164 صحيحيون ڪندڙن کا?? مطالبو ڪيو آه??، ته اهي پنهنجون زميواريون پوريون ڪن ۽ ان ڪنيونشن جي تعميل کي يقيني بڻائين، گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل جو تبصرو گڏيل قومن جي ماتحت سيڪريٽري جنرل ارميڊا سلسيا پهچايو. ڪانفرنس ۾ موجود يوڪريني ٽيم آمريڪي بارودي سرنگهن ??ي سپلاءِ جي باري ۾ اي ايف پي ??ي سوالن جواب نه ڏنا. گذريل هفتي آمريڪا اعلان ڪيو هو ته هو يوڪرين کي بارودي سرنگهون موڪليندو. ان اعلان کي انساني حقن جي ڪارڪنن فوري طور تي تنقيد جو نشانو بڻايو. ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن مانيٽ ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته سندس ملڪ کي هن وقت تائين 1600 چورس ڪلوميٽر (618 چورس ميل) کا?? وڌيڪ زمين صاف ڪرڻ جي ضرورت آه??، جيڪا 10 لک کا?? وڌيڪ ماڻهن جون زندگيون متاثر ڪري رهي آه??. ڪمبوڊيا ۾ 1979ع کا?? هن وقت تائين بارودي سرنگون ۽ نه ڦاندڙ هٿيارن سان اٽڪل 20 هزار ماڻهو فوت ۽ ان کا?? ٻيڻا ماڻهو زخمي ٿي چڪا آه??. بارودي سرنگن تي پابندي جي عالمي مهم آءِ سي بي ايل گذريل ڏينهن ٻڌايو ته گذريل سال سڄي دنيا ۾ 5757 ماڻهو بارودي سرنگن ۽ ڌماڪي خيز مواد جو نشانو بڻيا جنهن مان 1983 فوت ٿي ويا. بيان ۾ چيو ويو آه?? ته سمورن رڪارڊ ٿيل فوتگين ۾ 84 سيڪڙو شهري هئا.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي جي آمريڪي فيصلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات