رياض-10 جون (اي پي پي ) نار سهڪار ڪونسل ( جي سي سي ) مرڪزي غزه نصيرات مهاجر ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ??ي مذمت ڪئي آهي. جنهن ۾ 274 ماڻه??ن ??هيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن . اردو نيوز موجب ڪونسل پنهنجي بيان ۾ چيو ته عالمي برادري فلسطينين خلاف اسرائيل جي سرگرم ڏوهن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي بيان ۾ نصيرات مهاجر ڪيپ تي حملي کي هڪ دهشتگرد قدم قرار ڏنو ان کان سواءِ جي سي سي جي وزارتي اجلا س۾ وزيرن چيو ته غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي حوالي ??ان آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران پيش ڪيل تجويزن کي سنجيدگي ۽ مثبت طور وٺڻ جي ضرورت آهي وزارتي اجلاس ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان به شرڪت ڪئي ان کان سواءِ اسلامي سهڪار تنظيم ( او آئي سي ) غزه ۾ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي تحت هڪ اسڪول تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪئي آهي جتي بي گهر فلسطينين پناهه وٺي ويٺا هيا .
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ