ٽوڪيو-16 مئي(اي پي پي) ڪار ٺاهيندڙ جاپان جي مشهور اداري هنڊا اليڪٽرانڪ ??اڏ??ن ۾ سيڙپڪاري کي 2030 تا??ين ٻيڻو ڪري 65 بلين ڊالر ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي، ڪمپني 2040 تا??ين 100 سيڪڙو اي وي جو وڪرو حاصل ڪرڻ لا??ِ ٽي سال اڳ مقرر هدف حاصل ڪرڻ لا??ِ ڪوشش ڪري رهي آهي، هلندڙ سال اپريل ۾ هنڊا 11 بلين آمريڪي ڊالر جون نيئون الڪٽرڪ وهيڪل (اي وي) بيٽرين ۽ ??اڏ??ن جي اسيمبل پلانٽن سان وڏي آٽو سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو هو. هنڊا جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪمپني 2030 تا??ين ان شعبي ۾ اٽڪل 10 ٽريلين ين جي سيڙپڪاري جو منصوبو تيار ڪري رهي آهي،ڪار ساز ڪمپني اڳ ۾ اي وي ٽيڪنالوجي لا??ِ پنج ٽريلين ڊالر مختص ڪيا هئا.2030 تا??ين ڪمپني جو مقصد اليڪٽرڪ ??اڏ??ن ۽ فيل سيل اي وي جو عالمي سطح تي وڪرو 40 سيڪڙو بڻائڻ آهي، دنيا جو آٽو ڪمپنيون تيزي سان الڪٽرڪ ۽ هائبرڊ ??اڏ??ن کي ترجيح ڏئي رهيون آهن، ماحولياتي تبديلين جي نقصانڪار اثرن جي حوالي سان ڳڻتي وڌڻ سان گڏوگڏ گهٽ ماحولياتي گدلاڻ ڦهلائيندڙ ماڊلز جي طلب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.هنڊا ڪمپني 2030 تا??ين هر سال اٽڪل 20 لک اليڪٽرڪ ??اڏ??ون تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، واضع رهي هنڊا ڪمپني جي مقابلي واري ڪمپني ٽو يو ٽا جو هدف 2026 تا??ين سالياني 1.5 ملين ۽ 2030 تا??ين 3.5 ملين الڪٽرڪ ??اڏ??ون وڪرو آهي.
هنڊا جو الڪٽرانڪ گاڏين ۾ سيڙپڪاري کي 2030 تائين 65 بلين ڊالر ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس