گڏيل قومون-29 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش خبردار ڪيو آهي ته غزه جا رهواسي پنهنجي تاريخ جي ڪاري دور مان گ??ري رهيا آهن، هن فلسطين شهرين سان يڪجهتي جي اظهار جي عالمي ڏينهن ??ي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي غزه جي گهيراءُ ۽ قبضي جي خاتمي جي ??طالبي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته هو هن ??طي ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ ٿيل فوتگين ۽ تباهي کان ڊنل آهن، غزه ۾ تازن ڏينهن ۾ گڏيل قومن جي ??ختلف ادارن جا اهلڪار به وڏي تعداد ۾ مارجي ??يا آهن ??يڪو عالمي اداري جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو جاني نقصان آهي، هن چيو ته 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي ڪيل حملي تي اسرائيلي پاران فلسطيني شهرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو جواز قرار نٿو ڏئي سگهجي. سيڪريٽري جنرل ڊگهي مدي واري جنگ ب??دي ۽ اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطيني شهرين جي آزادي جو مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته بي گهر ٿيل اٽڪل 17 لک فسلطيني ڪٿي به محفوظ ناهن، بيت المقدس جي اوڀر حصي سميت والاريل اوله??دي ڪناري جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي، هن ??نهن هزارين خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو جيڪي پنهنجي ??يارن کي وڃائي چڪا آهن ۽ وڃائي رهيا آهن. غزه ۾ مارجي ??يلن ۾ گڏيل قومن جا اهلڪار پڻ شامل آهن. هن چيو ته اسرائيل حماس وچ ۾ جنگ ب??دي ۾ توسيع انسانيت جي جهلڪ ۽ اميد جو ڪرڻو آهي، جڏهن ??ه هن ??بردار ڪيو ته جنگ ب??دي غزه پٽي جي امدادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي.
فسلطيني پنهنجي تاريخ جي ڪاري دور مان گذري رهيا آهن: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج