نيب چيئرمين بابت تقراري ٽيپ انجنيئر ڪئي وئي آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ


APP74-24 LAHORE: May 24 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media persons during and Iftar dinner hosted in her honor. APP Photo by Rana Imran

لاهور – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊآڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نيب چيئرمين بابت تقراري ٽيپ انجنيئر ڪئي وئي، نيب کي گهرجي ته فوري طور تي پنهنجي ترجمان وسيلي ميڊيا ۾ هلندڙ بحث کي روڪرائي، مخالف ڌر اهڙين جعلي آڊيو ٽيپ جي وسيلي پنهنجا مقصد حاصل نٿي ڪري سگهي، سياسي يتيمن جو ٽولو ۽ سياسي لاشن جو جمعي بازار پنهنجي سياسي مردي کي زنده ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ عمران خان تي تنقيد ڪري رهيو آهي، عدالتي مفرور جعلي اڪائونٽس، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي ڪيسز ۾ عدالت ۽ نيب کي مطئمن نه ڪري سگهيا ۽ هاڻي نيب چيئرمين جي حوالي سان من گهڙت وڊيو ٽيپ انجنيئر ڪري مارڪيٽ ۾ اڇلائي رهيا آهن ۽ وزيراعظم کي ڄاڻي واڻي ان پوري معاملي ۾ گهيليو پيو وڃي، هو مقامي هوٽل ۾ سياسي اڳواڻن ذڪريه بٽ جي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل افطار ڊنر کي خطاب ڪري رهي هئي.

متعلقہ مضامین