اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) گذريل 10 سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي واڌويجهه جي شرح ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. سال 17 – 2016ع بابت اقصادي سروي پيش ڪندي ن??ڻي واري وفاقي وزير س??ني??ر محمد اسحاق ڊار چيو ته مالي سال 14 – 2013ع ۾ جي ڊي پي ج?? واڌويجهه جي شرح 3 سيڪڙو هئي ج??ڪا گذريل ٽن سالن دوران 4 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي. گذريل مالي سال ۾ جي ڊي پي ۾ 4.51 سيڪڙو جي شرح سان ترقي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي ج?? ترقي ج?? شرح 5.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ جي ج?? ڊي پي ۾ اضافي جا صحيح انگ اکر جوڙڻ ۾ 2 وڏيون مشڪلاتون آهن. پاڪستان ۾ معيشت جا انگ اکر جوڙڻ جو طريقيڪار 20 سال پراڻو آهي ج??هن کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ