اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ سمورن ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، فلم جي صنعت جا سمورا حصيدار ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ??نه??جي قلم ۽ ڪئميره جو ڀرپور استعمال ڪن. ٻن ڏينهن واري فلم پاليسي جي مشاورتي اجل??س کانپوءِ ص??افين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو ثبوت سمورا مثبت اشارا آهن. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ سمورن ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ملڪ جا سمورا ادارا پرامن پاڪستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ