ڪراچي – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم او??نگ??يب چيو آهي ته محمد نواز شريف پهريون وزيراعظم آهي جنهن پ??هنجي ٽن نسلن جو حساب ڏنو آهي، ٻين کي به حساب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم ۽ سندس خاندان عوام جي اعتماد لاءِ پاناما پيپرز بابت هر سطح تي جواب ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظها?? هن ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي عهديدارن ۽ ميمبرن سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير مريم او??نگ??يب چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف قوم کي پنهنجي خط??ب ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) ٺاهڻ جي آڇ کانسواءِ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ کي خط به لکيو هو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف کي الله تعاليٰ اڃا عزت ڏي ۽ هو ملڪ جي اهڙي طرح خدمت ڪندو رهي، عوام مٿس اعتماد ڪري ٿي ۽ پنهنجي خدمت لاءِ چونڊي ٿي.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔