اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عز??ز چيو آهي ته پاڪستان ڪامياب سفارتڪاري ذريعي اڳيان وڌي رهيو آهي، اهو تاثر صحيح نه آهي ته پاڪستان اڪيل??ئپ جو شڪار ٿي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر پاران ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عز??ز چيو ته پرڏيهي وزارت جو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بجيٽ ۾ اضافو رڳو 11 سيڪڙو آهي، اسان غيرضروري ناڻي جا مطالبا ناهن ڪيا، سفارتخانن جي ڪارڪردگي ۽ ڪميونٽي سروسز جي گذريل ٽن سالن ۾ بهتري آئي آهي، سفارتخانن ۾ نادرا پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي سهولتون اچي چڪيون آهن، آن لائين درخواستون به ڏئي سگهجن ٿيون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج