رياض-27 آگسٽ (اي پي پي )سعودي عرب ۾ آمريڪي سفير مائيڪل رتني چيو آهي ته مملڪت ??ان تاريخ سا?? معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن هڪ ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته سعودي عرب ۽ آمريڪا ڪيترن ئي معاهدن تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ۽ فوجي معاهدن کي مضبوط ڪرڻ ??ان گڏوگڏ سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ ناتن کي معمول تي آڻڻ ۽ اقتصادي ناتن کي هٿي ڏيڻ شامل آهي، جيڪي آزاد فلسطيني رياست لاءِ هڪ قابل ??عت??اد راهه طرف وٺي ويندا. آمريڪي سفير چيو ته ا??ان ان معاهدي جي ڪيترن ئي اهم نقطن جي انتهائي ويجهو اچي چڪا آهيون ۽ اهو ??رو??ي آهي ته ا??ان ان کي گڏجي حتمي شڪل ڏيون، اهو آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ هڪ تاريخ سا?? معاهدو هوندو. جيتوڻيڪ مائيڪل رتني معاهدن جي پيڪيج کي قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪنهن مخصوص ٽائيم فريم جو ذڪر ناهي ڪيو، پر هن ان جي جلد پڄاڻي جي خواهش جو اظهار ڪيو . آمريڪي سفير چيو ته ا??ان هڪ پيچيده خطي ۾ آهيون ۽ معاهدي ۾ به ڪيتريون ئي پيچيدگيون آهن پر ا??ان جلد ان کي مڪمل ڪنداسين.
سعودي عرب سان تاريخ ساز معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری