واشنگٽن_08 فيبروري(اي پي پي) آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ جو عزم ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلا ف آمريڪا جو اهم شراڪتدار رهندو، ميڊيا رپورٽ?? موجب آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس صحافين سان ??ال??ائيندي چيو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف پاڪستان سان گڏ آهي ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان پاڪستان آمريڪا جو اهم شراڪتدار آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ ه?? چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان آمريڪا پاڪستان کي هر قسم جي مدد فراهم ڪندو، هن پشاور پوليس لائنز ۾ تازي دهشتگرد حملي جي حوالي سا?? چيو ته اسان ڪنهن به دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ان حملي جي نتيجي ۾ سوين بيگناه شهرين سان سرڪاري ملازم ۽ اهڙا ماڻهو مارجي ويا جن پنهجي هم وطن پاڪستاني شهرين جي حفاظت لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي .ه?? چيو ته دهشتگردي هڪ لعنت ??هي جيڪا پاڪستان_ ڀارت ۽ افغانستان کي متاثر ڪري رهي آهي، اسان هر حال ۾ پاڪستان جي سڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي ان جي عزم جي ??ال??ه ڪنداسين.
پاڪستان دهشتگردي خلاف اهم شراڪتدار رهندو: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج