حڪومت انٽرپرينيورز چٽاڀيٽي ۽ شفاف ڪارورباري ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: صدر


APP46-200521 ISLAMABAD: May 20 – President Dr. Arif Alvi in a group photo with a delegation of Federation of Pakistan Chambers of Commerce and Industry (FPCCI) which called on him at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت انٽرپرينيورز چٽاڀيٽي ۽ شفاف ڪارورباري ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، مضبوط معيشت جي قيام لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، وفاقي حڪومت مالي مشڪلاتن جي باوجود واپاري برادري کي 1.2 کرب جو پيڪيج ڏنو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ميان نصير حيات ماگو جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت مالي مشڪلاتن جي باوجود واپاري برادري کي 1.2 کرب روپين جو مالياتي پيڪيج فراهم ڪيو. ڪورونا جي دوران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 1.5 ڪروڙ خاندانن جي مالي مدد ڪئي وئي، صدر چيو ته حڪومت عورتن ۽ معذور ٻارن جي معاشي خودمختياري تي به ڌيان ڏئي رهي آهي، حڪومت عورتن ۽ معذور ٻارن کي 5 سيڪڙو مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، واپاري ٽيڪس ادا ڪن ته جيئن ترقياتي سرگرمين لاءِ وڌيڪ رقم مختص ڪئي وڃي.

مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ

متعلقہ مضامین