اسلام آباد – 09 مئي (اي ??ي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دنيا جي سمورين ترقي يافته قومن پنهنجي ٻولي جي ذريعي ترقي ڪ??ي آهي، ان مقصد جي لاءِ لاڳاپيل ادارا عالمي تجربن مان فائدو کڻي قومي ٻولي جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪن، ملڪ ۾ ڳالهائيجندڙ سمورين ٻولين جي اهميت اجاگر ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اردو جي فروغ جي لاءِ ايئر يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ بين لاقوامي مڪالم?? جون سفارشون پيش ڪرڻ جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثه ڊويزن جو سيڪريٽري عامر حسن، قومي ٻولي جي فروغ واري ادار?? جو چيئرمين افتخار عارف، ايئر يونيورسٽي جي سوشل سائنسز فيڪلٽ?? جو ڊين ڊاڪٽر وسيم شهزاد ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر چيو ته اردو جي فروغ جي لاءِ لسانيات جي ج??يد اصولن جي موجب تحقيق ۽ ترق?? جو ڪم تمام گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهربو هو.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ