اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز تي ڪوڙا الزام هڻڻ کان بهتر آهي ته عمران خان ايندڙ سال ٿيندڙ عام چونڊن جي تياري ڪ??ي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان پاناما ??يڪس جي حوالي سان مريم نواز تي ڪوڙا الزام هڻڻ بدران 2018ع جي چونڊن جي تياري ڪ??ي ڇو ته کيس انهن چونڊن ۾ مريم نواز جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته اڄ عدالت ۾ واضح طور تي اهو چيو ويو ته جن دستاويزن بابت انڪشاف ٿيڻ جي دعويٰ ڪئ?? پئي وڃي، عدالت وٽ اڳ ۾ ئي موجود آهن. حقيقت ۾ تحريڪ انصاف اهو ڊرامو ڪري ٿي ته انهن دستاويزن سان ڪو وڏو انڪشاف ٿيڻ وارو آهي، اصل ۾ انهن جو مقصد پاناما ??يڪس تي سياست ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر