اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي قطعي برداشت نه ڪ??ڻ جي واضح پاليسي کي ورجائيندي ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو آه?? ته قومي پاليسي جا مقصد ح??صل ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪوششون جاري رکيون وينديون، فوجي عدالتن انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، وفاقي حڪومت فوجي عدالتن کي جاري رکڻ لاءِ آئيني ترميم تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن بابت اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس دوران دهشتگردي جي خاتمي جي آپريشنز ذريعي ملندڙ ڪاميابين کي وڌيڪ م??تحڪم بڻائڻ کي نظر ۾ رکندي داخلي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک