واشنگٽن-08 نومبر (اي پي پي) ??مر??ڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊو??لڊ ٽرمپ چونڊ مهم جي مينيجر سوزن سيمرال وائلز کي وائٽ فائوس جي چيف آف اسٽاف مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ بيان ۾ ڊو??لڊ ٽرمپ چيو ته وائلز ??مر??ڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي سياسي فتح حاصل ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي آهي . وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف جو عهدو ??مر??ڪي صدر جي انتظاميه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، هو بنيادي طور تي وائيٽ هائوس جي منييجر طور تي ڪم ڪري ٿو ۽ صدر جي عم??ي کي منظم رکڻ جو ذميوار هوندو آهي . چيف آف اسٽاف صدر جي ايگزيڪيٽو آفيس ذريعي عم??ي جي قيادت ڪري ٿو ۽ روازني جي سمورين مصروفيتن ۽ عم??ي جي سرگرمين جي نگراني ڪري ٿو. هو پاليسي معاملن تي صدر کي پڻ صلاح مشورو ڏيندو آهي ۽ پاليسي تي عم?? درآمد لاءِ هدايت ۽ نگران?? جو ذميوار هوندو آهي . ڊو??لڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي عهديدارن مطابق وائلز ان عهدي تي ڪم ڪندڙ پهرين عورت هوندي . هن پنهنجي ڪاميابي بعد خطاب ۾ سوزن وائلز کي آئس ميڊن قرار ڏنو هو . نئين چونڊيل صدر چيو ته سوزن پس منظر ۾ رهي ڪم ڪندي آهي پر کيس ??مر??ڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ بهادر سياسي ڪارڪنن مان هڪ سمجهي ويندي آهي . سياست ۾ اچڻ جي هڪ سال کان به گهٽ عرصي بعد هو اڳوڻي ??مر??ڪي صدر رونالڊ ريگن جي 1980ع جي چونڊن کان اڳ سندس چونڊ مهم ۾ شامل ٿي وئي هئي. هن 2010ع ۾ ان وقت جي بزنس مين رڪ اسڪاٽ کي رڳو 7 مهينن ۾ فلوريڊا جو گورنر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. سوزن وائلز 2015ع جي ريپبلڪن صدارتي پرا??مر?? چونڊن دوران ٽرمپ سان ملاقات ڪئي هئي ۽ هن ان وقت به ڊو??لڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو . فلوريڊا جي گورنر رون ڊي سانٽس پڻ گورنر جي چونڊ لاءِ سوزن وائلز کي پنهنجي چونڊ مهم جو انچارج مقرر ڪيو هو ۽ پنهنجي ڪاميابي بعد سندس ڪارڪردگي جي تعريف پڻ ڪئي هئي.
ڊونلڊ ٽرمپ جو پنهنجي چونڊ مهم جي مينيجر سوزن وائلز کي وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف مقرر ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک