واشنگٽن -28 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو آهي، ته اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ پراڻي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن پاڪستا??ي سفارتخاني ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي مناسبت سان م??عقد ٿيل وڏي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته اهو ڪيس اسان جي حق ۾ آهي ۽ ان کي عالمي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ درست وقت تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان م??قعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جو حوالو ڏنو جيڪي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ڪرائڻ ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏئي ٿي. هن چيو ته علائقي جي تاريخ اسان جي حق ۾ آهي، اهو ڏينهن هر سال 27 آڪٽوب?? 1947ع تي ان ڏينهن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن ڀارت ڪنهن قانوني جواز کانسواءِ ڄمون ڪشمير رياست تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو. پاڪستا??ي سفير چيو ته تاريخ رڪارڊ اسان لاءِ هڪ اثاثو آهي ۽ ه?? پليٽ فارم تي ان جو حوالو ڏيڻ ۽ برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. ان م??قعي تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا.
عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي: پاڪستاني سفير رضوان شيخ
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم