رياض _ 14 مئي (اي پي پي ) حج پانڌيئڙن ۽ عمره کي بهترين خدمتن جي فراهمي ۽ ان لاءِ آسا??يو?? پيدا ڪرڻ جي سعودي ??رو??رام روٽ ٽو مڪه تي ڪاميابي سان عمل درآمد جاري آهي . سعودي عرب پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين لکين ماڻهن جي حفاظت ۽ کين وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم تي نه رڳو ڪاميابي سان عمل درآمد ڪري رهيو آ??ي پر هر ڏينهن انهن سهولتن ۾ اضافو ڪري رهيو آ??ي . 25 ا??ري?? 2016 ع تي سعودي ??لي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود وزيراعظم جي حيثيت سان سعودي ??زن 2030ع جي شروعات ڪئي جنهن جو مقصد ضيوف الرحمان کي اعلى معيار جي بهترين ۽ وڌ کان وڌ خدمتون فراهم ڪرڻ آهي . سعودي عرب جي گهرو وزارت اعلى قيادت جي وزن 2030 ع تي عملي قدم شروع ڪيو ۽ مڪه روٽ (مڪه رستي ) تحت الله جي مهمانن جي ميزباني ۽ انهن جي خدمت کي بهترين بڻائڻ جي شروعات ڪئي . ان ??رو??رام جو مقصد حاجين کي انهن جي پنهنجي ئي ملڪ کان سفري ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي آهي .
حج پانڌيئڙن کي بهترين خدمتن جي فراهمي لاءِ روٽ ٽو مڪه پروگرام تي ڪاميابي سان عمل درآمد جاري
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2