بيجنگ-04 اپريل (اي پي پي)تائيوان ۾ 7.3 جي شدت جي زلزلي کان پ??ءِ گذريل رات کان وٺي صبح تائين ڪل 96 ڀيرا آفٽر ش??ڪس ريڪاڊ ڪيا ويا، تائيوان جي موسميات کاتي موجب رات جو 11 وڳي تي آيل آفٽر ش??ڪس (زلزلي کان پ??ءِ وارن لوڏن) جو مرڪز ??والين ڪائونٽي جي سامونڊي ڪناري وارو علائقو هو، زلزلي کان پ??ءِ وارن لوڏن جي شدت 4 درجا ريڪاڊ ڪئي وئي. خميس تي 2:30 وڳي آيل زلزلي کان پ??ءِ لوڏا شديد هئا جنهن تي عملدارن شهرين کي موبائل فون تي زلزلي جي وارننگ جاري ڪئي وئي، هوالين شهر ۾ زلزلي کان پ??ءِ وارن لوڏن سبب زلزلي متاثر عمارتن جون ڀتيون ڪرڻ جا اطلاع آهن.هوالين ۾ سرچ اينڊ ريڪسيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي،زلزلي سبب بي گهر ٿيل ماڻهن لاءِ ڪائونٽي ۾ 20 پناه گاهون قائم ڪيون ويون آهن،متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي خيما ۽ ٻيون بنيادي شيون فراهم ڪيون ويون آهن، زلزلي سبب 09 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي آهن.
تائيوان ۾ 7.3 شدت جي زلزلي بعد 96 ڀيرا زلزلي کان پوءِ وارا لوڏا ريڪارڊ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ