واشنگٽن-14 مارچ (اي پي پي)آمريڪا جي دفاع واري وزارت پينٽاگون چيو آهي ته غزه ۾ انساني امداد جو آپريشن ۽ اوڀر روم سمنڊ ۾ عارضي جيٽي جي تعمير لاءِ چار سامونڊي جهاز روانا ڪيا ويا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب پينٽاگون جي ترجمان برگيڊيئر پيٽر?? رائڊر معمول جي پريس بريفنگ دوران خطاب ڪندي چيو ته غزه ۾ انساني امداد جي آپريشنن ۽ اوڀر روم سمنڊ ۾ عارضي جيٽي جي اڏاوت واري مشن ۾ سهڪار لاءِ پينٽاگون چار سامونڊي جهاز روانا ڪيا آهن،سامونڊي جهاز اسرائيل پاران ظلم، بک ،۽ غذائي کوٽ جو شڪار فلسطيني عوام جي غذائي ضرورتن تائين رسائي لاءِ موبائل بندرگاهن جو استعمال ڪندا،پيٽر?? رائڊر چيو آهي ته انهن سامونڊي جهازن جي علائقي ۾ پهچڻ ۽ م??بائل بندرگاهون لڳائڻ ۾ 60 ڏينهن لڳندا.موبائل جيٽي جي پوري صلاحيت سان ڪم شروع ڪرڻ جي صورت ۾ روزاني اٽڪل 2 ملين غذائي خوراڪون علائقن ۾ پهچي سگهنديون.
غزه ۾ انساني امداد جو آپريشن، اوڀر روم سمنڊ ۾ عارضي جيٽي جي تعمير لاءِ چار سامونڊي جهاز روانا ڪيا ويا آهن: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil