رياض -26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد وز??راعظم شهزاده محمد بن سلمان مملڪت جي پهاڙي علائقي السوده ۾ لگزري پهاڙي سياحت جو نئون چهرو متعارف ڪرائڻ ل??ءِ منصوبي ج?? ماسٽر پلان جو ا??تتاح ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق پروجيڪٽ تحت سعودي عرب جي بلند ترين چوٽي تي هڪ لگزري سياحت ماڳ قائم ڪيو ويندو. اهو ا??سوده جي علائقي ۽ رجال المع جي ڪجهه حصن تائين وسيع هوندو. منصوبي ج?? مقصد سمنڊ جي سطح کان 3 هزار 15 ميٽر اوچي پهاڙ جي بلند ترين چوٽي تي لگزري پهاڙي فرنٽ تيار ڪرڻ آهي. ان رٿا سان سعودي ويزن 2030ع جو هدف پڻ حاصل ٿيندو ۽ سياحتي ۽ تفريحي شعبي کي هٿي ملندي. مجموعي قومي يپداوار ۾ 29 ارب ريال کان وڌيڪ جو اضافو ٿيندو. سڌي ۽ اڻ سڌي ريت نوڪرين جا هزارين نوان موقعا پيدا ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن