وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان هلال احمر پاڪستان جي وفد جي ملاقات


اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي انساني همدردي جي بنياد تي مدد، آفتن جي دوران ڪاررواين ۽ صحت جي خدمتن جي فراهمي جي ڏس ۾ هلال احمر پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي. هن اها ڳالهه هتي وزيراعظم آفيس ۾ هلال احمر پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي قيادت هلال احمر پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الاهي ڪري رهيو هو. هلال احمر جي وفد وزيراعظم کي هلال احمر پاڪستان جي جاري منصوبن، نون قدمن ۽ مستقبل جي منصوبابندي جي باري ۾ آگاهه ڪيو.

مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا

متعلقہ مضامین