اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان هدايت ??ئي آهي ته ڪڻڪ، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. اها هدايت هن اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شيخ رشيد احمد، اسد عمر، خسرو بخ??يار، سيد فخر امام، حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين کانسواءِ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدار شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي ڪري ملڪ جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. هن هدايت ??ئي ته ڪمند، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي انهن قدمن جو مقصد عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ آهي. ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فرق اسمگلنگ جي ڪري ٿئي ٿو، اسمگلنگ جي ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جنهن جي ڪري قيمتون وڌي وڃن ٿيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي ڊالر جي مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني ذخيري جي خلاف وسيع جاچ ??ئي آهي. بارڊر ڪراسنگز تي افرادي قوت وڌائي پئي وڃي ته جيئن مال جي چيڪنگ ۽ چرپر جي ٽريڪنگ مم??ن ٿي سگهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غيرقانوني پيٽرول جي اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف آپريشن ۾ سٺي ڪاميابي ملي آهي.
ڪڻڪ، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل