اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران آن لائن فاصلاتي تعليم جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي، ??ائير ايجوڪيشن ڪميشن جديد دور جي بدلجندڙ ضرورتن ۽ عالمي معيار موجب فاصلاتي تعليمي پاليسي وڌيڪ بهتر بڻائيندي. فاصلاتي تعليم جي پروگرام کي مرڪزي تعليمي نظام جو ??صو بڻائڻ جي ضرورت آهي.
ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران آن لائن فاصلاتي تعليمي پاليسي تي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته آن لائن فاصلاتي ڪورسز جو مواد مارڪيٽ جي ضرورتن موجب جوڙڻ گهرجي. ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو ??عداد وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيورسٽي جي آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامن جي واکاڻ ڪندي چيو ته تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعداد ۾ اضافي لاءِ ورچوئل يونيورسٽي جهڙن ادارن جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صدر کي ايڇ اي سي پاران بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته آن لائن فاصلاتي تعليمي پاليسي جو ??نيادي مقصد قاعدن، هدايتن ۽ گهٽ کان گهٽ معيار جو ??عين ڪرڻ آهي جڏهن ته آن لائين فاصلاتي تعليمي پاليسي تحت يونيورسٽين کي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي اجازت ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو مقصد تعليم جو معيار برقرار رکڻ لاءِ هڪجهڙي امتحاني نظام قائم ڪرڻ آهي، ??اليسي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين جي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي ماهرن سان مشاورت کانپوءِ ٺاهي وئي آهي.