اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت تي فوري دادرسيءَ جي نتيجي ۾ راولپنڊي جي ٻن بيواهه ڀينرن کي 22 سالن کانپوءِ وراثتي ملڪيت جو حق ملي ويو. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وراثت ۾ زمين تي قبضو ۽ وراثت جي ورڇ جي معاملي جي حوالي سان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي وز??را??ظم عمران خان فوري نوٽيس ورتو.
ٻنهي بيواهه ڀينرن جي پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت ۾ چيو ويو هو ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر روينيو بنا موقف ڄاڻڻ جي ان جي شڪايت کي خارج ڪيو تنهن ڪري اسان جي دادرسيءَ ڪئي وڃي. پي ايم ڊي يو موجب وز??را??ظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي ان حوالي سان انڪوائري جي هدايت ڪئي ??ئي. وز??را??ظم اها به هدايت ڪئي هئي ته راولپنڊي ڊويزن جي سمورن روينيو آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. وز??را??ظم جي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اعليٰ آفيسر پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. راولپنڊي جي سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي رپورٽ جلد وز??را??ظم آفيس موڪلين. سرڪاري آفيسرن جي عوامي شڪايتن بابت ڊيش بورڊز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي، آفيسر عوام جي ??سئ??ن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ٻئي طرف ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن اسان جي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آه?? جڏهن 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ اسان کي اسان جو وراثتي حق مليو آه??، ان تي اسان الله تعاليٰ آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿيون، وز??را??ظم عمران خان جون ٿورائتيون آه??ون ۽ ان جي لاءِ دعاڳو آه??ون ته الله تعاليٰ سندس حامي ۽ ناصر هجي.