گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ئون جمهوريت پسند آهيان ڪنهن آمر جي حمايت نٿو ڪري سگهان، ملڪ مان پئسو چوري ڪري ٻاهر کڻي ويندڙ ماڻهو ملڪ جا غدار ۽ قومي ڏوهاري آهن، انصاف ۽ قانون جي بالادستي کانسواءِ ملڪ به ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي، وڏا ۽ طاقتور ماڻهو چوري ڪندا آهن ته ??ن سان ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، انهن قومن جي تب??هي ٿيندي آهي جتي امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون هجن، منهنجي تربيت چورن جي خلاف جدوجهد جي آهي ۽ ان جدوجهد ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين، گلگت بلتستان ۾ سياحت جا ايترا موقعا موجود آهن ته هي مرڪز کان پئسا وٺڻ بدران ان کي ڏئي سگهي ٿو، گلگت بلتستان لاءِ 370 ارب رو??ين جو پيڪيج شروعات آهي وڌيڪ به مدد ڪنداسين، اسڪردو ايئرپورٽ کان عالمي اڏامون هلايون وينديون. گلگت ۾ ترقياتي پيڪيج جي اعلان جي موقعي تي تقريب کي خطب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته گلگت بلتستان جي لاءِ اهڙو پيڪيج ڏيڻ چاهيان ٿو ته ??نهن سان هتي ترقي اچي تنهن هوندي به قرض ۽ ان جون قسطون ڏيڻ جي ڪري پئسا نه هئا، هر جڳهه کان فنڊز جو مطالبو آهي تنهن هوندي به اسان ان جي باوجود گلگت بلتستان لاءِ تاريخي پيڪيج ڏنو آهي، هن چيو ته ??ڏهن آئون 15 سالن جو هئس تڏهن اسڪول طرفان هتي جو دورو ڪيو هتي جا ڊرائيور وڏي مهارت رکندا آهن، کين سلام پيش ڪريون ٿا، هتي انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري پاڪستان سميت دنيا جو ان سان رابطو نه هو، هي علائقو دنيا کان ڌار هو، هتي هاڻي به رستا خطرناڪ آهن اسان انهن کي بهتر ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مون سوئٽزرلينڊ سميت دنيا جي خ??بص??رت علائقا ڏٺا تنهن هوندي به مون کي فخر آهي ته گلگت بلتستان انهن کان گهڻو خ??بص??رت آهي، هتي دنيا جا وڏا جابلو سلسلا، سرسبز ميدان وڌيڪ خ??بص??رت آهن، جڏهن ٻاهران واپس آيس ته پنهنجي دوستن کي هتي وٺي آيس مون هتي جي خ??بص??رتي کي ڪتابي شڪل ڏني، ان سان دنيا کي ان علائقي جي خ??بص??رتي کان آگ??هي ٿي. هن چيو ته مون تڏهن اهو واعدو ڪيو هو ته ??يڪڏهن ڪڏهن موقعو مليو ته ??ن علائقي نه پر پوري پاڪستان جي خدمت ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ حڪمران گرميون گذارڻ ٻاهرين ملڪ ويندا هئا، سندن اولاد اتي تعليم حاصل ڪندو هو، سندن جائيدادون اتي هيون، ??هي هن علائقي ۾ هيلي ڪاپٽر تي چڪر لڳائي وٺندا هئا، وزيراعظم چيو ته ??ن علائقي ۾ انڊسٽريل زورن کان وڌيڪ سمال انڊسٽريز فائديمند ٿي سگهن ٿيون، هتي جو ميوو دنيا ۾ بهترين ذائقي وارو آهي، هتي فوڊ پروسيسنگ يونٽس ٺ??هي سگهجن ٿا، هتي سياحت ۾ سڀ کان وڌيڪ موقعا آهن، هي علائقو رقبصي ۾ سوئٽزرلينڊ کان ٻيڻ تي وڏو آهي، هتي خ??بص??رتي وڌيڪ آهي.
آئون جمهوريت پسند آهيان ڪنهن آمر جي حمايت نٿو ڪري سگهان: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری