اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته نگران حڪ??مت پنهنجي آئيني مدت جي ??ور??ن توانائي، صحت، تعليم، معيشت سميت هر شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ متوازن گائيڊ لائينون تيار ڪري ورتيون آهن جيڪي نئين چونڊيل حڪ??مت جي حوالي ڪيون وينديون. هو لوڪ ورثا ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف ??لي??ٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو، ڊي جي ڊيمپ سردار عبدالواحد، ڊي جي لوڪ ورثه سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا عملدار به تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزير بئريسٽر سيد علي ظفر ڊائريڪٽوريٽ آف ??لي??ٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز طرفان پاڪستان تاريخ جي حوالي سان تاريخي نمائش جي انعقاد کي ساراهيندي چيو ته هڪ تاريخي نمائش جو انعقاد ڪيو ويو آهي هي نمائس ڇهه ڏينهن تائين جاري رهندي.
درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ گائيڊ لائين تيار ڪري ورتي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج