اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظف?? چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بحران واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي پاڻي پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ رهنما اصولن تي ٻڌل مسودو جوڙيو ??ڃي. هو نيشنل واٽر ٽاسڪ ??ورس جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ حڪومتي ادارن جي واٽر سيڪٽر جي اعليٰ عملدارن ۽ پاڻي شعبي ۾ وسيع تجربو رکندڙ تعليمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير اعليٰ سطحي قومي ٽاسڪ ??ورس قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جيڪو ملڪ ۾ پاڻي جي تحف?? لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري. واضح رهي ته 1947ع ۾ پاڪستان ۾ في ڪس ساليانو پاڻي جي دستيابي 5 هزار 260 ڪيوبڪ ميٽر هئي جيڪا 2018ع ۾ هڪ هزار ڪيوبڪ ميٽر کان به گهٽ سطح تي اچي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری