اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 41 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جي برآمد جي حتمي تاريخ ۾ 28 فيبروري 2018ع تائين واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي جڏهن ته 35 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جو اضافي مقدار سريلنڪا کي برآمد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اي سي سي جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس يونائيٽيڊ ٽاول ايڪسپورٽرز لميٽيڊ کي ويسپو گ??وپ بي وي نيدر لينڊز جي 70 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي خصوصي غير ملڪي ڪرنسي اڪائونٽ مان 8.425 مل??ن يورو ڏيڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز تي منظور ڪري ورتي. اي سي سي سينٽرل پا??ر پرچيزنگ ايجنسي کي 4 آءِ پي پيز (ميسرز سيف پا??ر لميٽيڊ، ميسرز اورينٽ پا??ر لميٽيڊ، ميسرز سيفائراليڪٽرڪ ڪمپني ۽ ميسرز هلمور پا??ر جنريشن پا??ر ڪمپني لميٽيڊ) طرفان آر ايل اين جي تي پيداوار جي لاءِ نظرثاني ٿيل ادائيگي شرطن جي حوا??ي سان عبوري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان