حڪومت هر قيمت تي دهشتگردي ختم ڪرڻ جو عزم رکي ٿي: وزيراعظم


انقره – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي کي نقصان پهچائيندڙ ڪجهه عنصر ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن جي تازي لهر جي پويان آهن ۽ حڪومت هر قيمت تي دهشتگردي ختم ڪرڻ جو عزم رکي ٿي، ترڪي جي دوري دوران پاڻ سان گڏ ويندڙ رپورٽرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي ٺوس عزم سان انهن عنصرن کي شڪست ڏينداسين جن کي مختلف محاذن تي پاڪستان جي ڪاميابي هضم نه پئي ٿئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرگرمين ۾ غير ملڪي هٿ ملوث هجڻ کي رد نٿو ڪري سگهجي، هڪ سوال تي هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪئي پئي وڃي.

مضمون کا ماخذ : فائر جوکر

متعلقہ مضامین