اسلام آباد – 16 ج??وري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان بار بار عدالت جي ٻاهران پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي، عدالت ٻاهران ڪيس وڙهندڙن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه م??ندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ يا عوام کي خطاب دوران ڪڏهن ڪا متضاد ڳالهه ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪوڙ ڳالهايو ڇو ته هو ڳالهائڻ جو عادي نه آهي، اها عاد?? ڪنهن ٻئي جي آهي ۽ بار بار اهو سچ سامهون اچي وڃي ٿو ته اها قابلي?? ڪنهن ۾ آهي. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان عدالت ٻاهران اچي پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي، هو اڄ اهو چئي رهيو آهي ته عدالت ۾ پاناما پيپرز بابت ڳالهه نه ٿي رهي هئي، نواز شريف ??ابت ڳالهه نه ٿي رهي هئي.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ