اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته غيرمنقولا جائيداد تي عملدرآمد لاءِ آ??ڊيننس آندو پيو وڃي، صدر انڪم ٽيڪس ترميمي بل 2016ع تي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب هائوس ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر، ڊاڪٽر عبادالله، شهاب الدين خان ۽ انجنيئر امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ت?? سول سروس آف پاڪستان جي آفيسرن تي سرڪاري پلاٽ جي وڪري تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي ??رح اڌ هوندي، غيرمنقولا جائيداد جي حوالي سان فيصلو ٿيو آهي، اهو قانون ذريعي ٿيندو، اهو مني بل طرز تي هوندو ت??هن هوندي به ان جي لاءِ آ??ڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ت?? جيئن اهو جلد لاڳو ٿئي، مني بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، سينيٽ جو 5 آگسٽ کان اجلاس آهي، هتي به اهو بل پيش ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ