واشنگٽن -11 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي ارب پتي ۽ ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي سي اي او ايلون مسڪ چيو ??هي ته آمريڪا تيزي سان ڏيوالو ٿيڻ طرف وڃي رهيو ??هي. سوشل ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪي وفاقي حڪومت جا ق??ض ساڍا 300 کرب ڊالرن کان وڌي ويا آهن ۽ انهن قرضن تي وياج جي لاڳت آمريڪا جي دفاعي بجيٽ کان به وڌيڪ آهي. آمريڪا جي ناڻي واري وزارت موجب هلندڙ سال جولاءِ جي آخر تائين آمريڪي حڪومت جو قرض 35 کرب ڊالرن کان وڌي ويو هو ۽ صرف آخري 6 مهينن دوران قرض ۾ 10 کرب ڊالرن جو اضافو ٿيو ??هي. آمريڪي نمائندن واري ايوان سالياني دفاعي پاليسي بل جو پنهنجو ويزن منظور ڪيو ??نهن ۾ 895 بلين ڊالرز جي خرچن جي منظوري ڏني آهي. جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي. ايلون مسڪ چيو ??ه قومي قرضن تي وياج جي ادائگي هاڻي ملڪي دفاعي بجيٽ کان به وڌي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا تيزي سان ڏيوالو ٿيڻ طرف وڃي رهيو ??هي. واضح رهي ته ايلون مسڪ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ پڻ آمريڪي انتظاميه کي خبرد??ر ڪيو هو ته حڪومتي خرچن جي موجوده شرح آمريڪا کي ڏيوالو ٿيڻ طرف وٺي وڃي رهي آهي ۽ حڪومتي خرچن ۾ اضافي سان ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي.
آمريڪا تيزي سان ڏيوالو ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي: ايلون مسڪ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی