گڏيل قومون-28 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخوا جي شهر بشام ويجهو ٿيل د??شت??رد حملي کي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي، ان حملي ۾ پنج چيني ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ م??جب سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن متاثر خاندانن ۽ پاڪستان ۽ چين جي حڪومتن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينهن هڪ پريس يان ۾ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث