رياض-21 فيبروري (اي پي پي)سعودي عرب آمريڪا پاران غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي ويٽو ڪرڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جومطالبو ڪيو آهي. روس جي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سعودي عرب الجزائر پاران پيش ڪيل غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي ??مريڪا پاران ويٽو ڪرڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو ڪيو آ??ي. ??رڏيهي وزارت غزه پٽي ۽ ان جي پسگردا??ي ۾ فوري طور تي جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو ا??هار ڪندي چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارا هن وقت تمام گهڻا ضروري آهن جيڪي ٻٽي معيار جومظاهرو ڪرڻ کان سواءِ عالمي امن ۽ سلامتي کي ??رقرار رکڻ جي پنهجي ذميواري کي پوري ڪري سگهن. بيان ۾ غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي فلسطيني شهرين جي زبردستي لڏپلاڻ کي ??د ڪندي ٻه طرفي رياستي حل جي عزم تي زور ڀريو آهي.
سعودي عرب پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار