راملا -24 آڪٽوبر (اي پي پي)اسرائيل جي حملن سبب غزه پٽي ۾ شهيد ??يل?? جو انگ 5 کان وڌي ويو آهي. فلسطين جي صحت کاتي مطابق رات جو اسرائيل جي فوج طرفان ڪيل ڪيترن ئي حملن بعد هاڻي تائين شهيد ٿيل فلسطينين جو مجموعي انگ 5 هزار کان وڌي ويو آهي. غزه جي صحت واري وزارت جي تازن رپورٽن مطابق 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ شهيد ??يل?? جو انگ 5087 ٿي ويو آه??، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي فوتگين جي شرح 62 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ان کان علاوه 15273 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن. گڏيل قومن جي انساني همدردي واري اداري جي اختيارين فوري طور تي جنگبندي ۽ وڌيڪ ام??ادي قافلن کي غزه ڏانهن ام??ڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه ٽيڊ روس ازهانوم گيبريئس پنهنجي نئين اپيل ۾ چيو آهي، ته طبي ضروري شيون ۽ ٻارڻ جي ام??اد جي فراهمي کي رڪجڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته غزه جي شهرين جون حياتيون ام??اد جي فراهمي تي ٻڌل آهن. غزه اسرائيل بحران تي گڏيل قومن جي انساني ام??اد جي رابطا آفيس او سي ايڇ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ لاپتا ٿيل ماڻهن جو اطلاع ڏنو آهي، خيال ڪيو پيو وڃي ته اهي ملبي هيٺان ڦاٿل آهن يا فوت ٿي چڪا آهن.
اسرائيل جي حملن ۾ غزه پٽي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5 هزار کان وڌي ويو آهي: فلسطيني اختياريون
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا