پاڪستان تحريڪ انصاف ڪنهن شارٽ ڪٽ سان نه عوام جي ووٽن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد سان اقتدار ۾ آئي آهي: وزيراعظم


APP62-01 ISLAMABAD: May 01 - Prime Minister Imran Khan addressing PTI's 23rd Foundation Day gathering. APP

اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڪنهن شارٽ ڪٽ سان نه عوام جي ووٽن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد سان اقتدار ۾ آئي آهي، اسان ئي پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍنداسين، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي وارا ڪرپشن جو پئسو بچائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهن، انهن جا مفاد پاڪستان جي مفادن سان ٽڪراءُ ۾ آهن، انهن موجب جمهوريت جو مطلب چوري بچائڻ آهي، انهن کي اين آر او ڪنهن به صورت ۾ نه ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي 23 هين يوم تاسيس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 23 سالا جدوجهد تي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو، سياست ۾ لاها چاڙها ۽ سٺو ۽ خراب وقت ايندو رهندو آهي پر مسلسل جدوجهد سان ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي، هن چيو ته سياست ۾ اچڻ کان پهرين الله مون کي شهرت ۽ عزت سان نوازيو هو، آئون سياست ۾ خدمتن لاءِ آيو آهيان ڇو ته الله تعاليٰ مون کي ايمان سان نوازيو آهي ۽ منهنجي زندگي جو مقصد ذاتي فائدي مان نڪري ماڻهن جي خدمت آهي ڇو ته آئون سمجهان ٿو ته آئون الله کي جوابده آهيان، جڏهن الله عزت ڏيندو آهي ته وڏي ذميداري به ڏيندو آهي ۽ ان ذميداري جي باري ۾ آخرت ۾ حساب ڏيڻو پوندو.

مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش

متعلقہ مضامین