سياسي پختگي جو مظاهرو ڪري منزل مهينن ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي: صدر


APP89-25 FAISALABAD: April 25 - President of Pakistan, Dr Arif Alvi is addressing the Business Excellence Award distribution ceremony of Faisalabad Chamber of Commerce and Industry (FCCI). APP photo by Tasawar Abbas

فيصل آباد – 25 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياسي پختگي جو مظاهرو ڪري معاشي ترقي جي منزل سالن ۾ نه پر مهينن ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر ان جي لاءِ اسان کي بحث مباحثي ۽ پنهنجي ذاتي ۽ گڏيل جهيڙن کان مٿانهون ٿي ڪري هڪ قوم جي حيثيت ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته جڏهن قومون اجتماعي ملڪي ۽ قومي سوچ جو مظاهرو ڪندي مشڪلاتن مان نڪرڻ جو عزم ڪن ٿيون ته پوءِ الله تعاليٰ انهن جي لاءِ رستا هموار ڪري ڇڏيندو آهي نه ته ٻي صورت ۾ پنهنجن اختلافن جو شڪار قومون تباهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿيون حاصل ڪن. اسان کي دنيا جي مقابلي ڪرڻ لاءِ به مثبت اجتماعي سوچ ڏيکارڻي پوندي، هو فيصل آباد جي مقامي هوٽل ۾ ايوان صنعت ۽ واپار جي اهتمام هيٺ منعقد بزنس ايڪسيلينس ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : بہت کچھ

متعلقہ مضامین