الله اسان کي خاص ڊسيپلين جو پابند بڻائي اسان جي تربيت ڪرڻ چاهي ٿو: بيگم محموده ممنون حسين


اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان کي هڪ خاص ڊسيپلين جو پابند بڻائي اسان جي تربيت ڪرڻ چاهي ٿو، ان تربيت جو بنيادي مقصد هي آهي ته اسان پاڻ کي الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪريون. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ اسلام آباد جي اسڪول جي ڇوڪرين کي خطاب ڪندي چئي. بيگم محموده ممنون حسين چيو ته الله تعاليٰ جا لک شڪر آهن ته اسان جي زندگي ۾ هڪ دفعو ٻيهر رمضان المبارڪ جون بابرڪت گهڙيون اچي رهيون آهن. الله تعاليٰ اسان کي ان مقدس مهيني جي دوران وڌ کان وڌ عبادت ڪري پنهنجو قرب حاصل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ته جيئن اسان ان جي رضا جا حقدار بڻجي سگهون.

متعلقہ مضامین