اسپيڪر اسد قيصر سان آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف جي ملاقات


APP06-290921 ISLAMABAD: September 29 - Ambassador of Azerbaijan Khazar Farhadov called on Speaker National Assembly Asad Qaiser at Parliament House. APP

اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته آذربائيجان خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي، پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، اسد قيصر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، پاڪستان آذربائيجان سان پارلياماني ۽ معاشي رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته عوامي ۽ واپاري سطح تي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. آذربائيجان جي سفير چيو ته آذربائيجان پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آذربائيجان پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.

مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo

متعلقہ مضامین