قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين شهباز شريف جي قيادت ۾ قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي


APP30-210521 ISLAMABAD: May 21 - Deputy Speaker National Assembly Qasim Khan Suri presenting memorandum to United Nation Representative in Pakistan demanding the UN Secretary General to make arrangements for an investigation into the genocide of Palestinians by the Israeli forces. APP

اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي قيادت هيٺ فلسطين جي حق ۾ 17 مئي تي ايوان مان منظور ٿيل قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي، ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جو پارلياماني اڳواڻ مولانا اسد الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سڄي مخالف ڌر پارٽين جا ڪيترائي ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، ميان شهباز شريف قرارداد جي نقل گڏيل قومن جي نمائندي جي حوالي ڪئي ۽ چيو ته اها قرارداد سڄي پاڪستاني قوم جي جذبن جي ترجماني آهي، گڏيل قومن جي نمائندي يقين ڏياريو ته سندن جذبا ۽ قرارداد جي مسودي کي گڏيل قومن جي مرڪزي آفيس تائين پهچايو ويندو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطين تي اسرائيل پاران ظلم ڪيو ويو ۽ بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطينن جو وڏو تعداد شهيد ٿيو، هن چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، تاريخ اهڙا غمگين منظر پهرين ڪڏهن نه ڏٺا، پارليامينٽ متفقه قرارداد منظور ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.

مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔

متعلقہ مضامین