پاڪستان بليو اڪانومي جي ذميواراڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو: صدر


APP07-130221 KARACHI: February 13 - President Dr Arif Alvi addressing during the 9th International Maritime Conference (IMC-21) organized by the National Institute of Maritime Affairs. APP Photo by Saeed Qureshi

ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سامونڊي حدن جي دفاع سان گڏوگڏ انساني ڀلائي جي لاءِ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال بابت بليو اڪانومي جي ذميواراڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو. هو نائين انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان جيو اڪنامڪ مرڪز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي بهتر معاشي ذريعن کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ بليو اڪانومي طرف موثر قدم کڻي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني مفاد قابل تجديد توانائي، ماهيگيري، غذائي تحفظ، ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ موسمياتي تبديلين سان هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ سان واڳيل آهن، ان سلسلي ۾ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال بابت عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان سمنڊن بابت غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيندي پائيدار بليو اڪانومي طرف گامزن آهي. صدر عارف علوي چيو ته بليو اڪانومي جي فروغ جي لاءِ ضروري آهي ته دنيا سامونڊي وسيلن جي غيرذميواراڻي استعمال جي تدارڪ جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪري. عالمي برادري جي طور تي اسان کي قدرتي ماحول کي درپيش خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ان حوالي سان بهتر نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

متعلقہ مضامین